آدم شاهه ڪلهوڙو

آدم شاهه ڪلهوڙو: ميان آدم شاهه، سنڌ جي ڪلهوڙا حڪمرانن جو اڳواڻ هو. هو ميران محمد جونپوريءَ جي طريقت جو پوئلڳ هو. هن سنڌ ۾ ”مھدوي فڪر“ کي زور وٺرايو ۽ پنھنجن مريدن جو حلقو وڌايائين. ميان آدم شاهه ”چانڊڪا“ (لاڙڪاڻي) جي ”هٽڙي“ ڳوٺ ۾ پنھنجو مرڪز قائم ڪيو، جتي ابڙي قبيلي جي سردار ”کٻڙ“ کيس زمينون نذراني ۾ ڏنيون. کٻڙ، ميان جو خاص مريد هو. اڪبر بادشاهه جو سپه سالار عبدالرحيم خان خانان، جڏهن سنڌ کي فتح ڪرڻ آيو ته ميان صاحب جي بزرگيءَ جي واکاڻ ٻڌي ۽ ميان صاحب جي لنگر جي خرچ لاءِ ”چانڊڪا“ جو پرڳڻو کيس جاگير ۾ ڏنائين. اهڙيءَ طرح ميان آدم شاهه جي جماعت ۽ مريد طاقت وٺندا رهيا ۽ آسپاس جي زميندارن ۽ جاگيردارن خلاف جدوجھد ڪندا زمينون هٿ ڪندا رهيا. ميان جو حڪم هو ته فقط ڏنڊا هڻو، تير يا تلوار استعمال نه ڪريو. اهو ئي سبب هو، جو ڏنڊو ميان جو خاص نشان بڻجي ويو. اڄ به سندس مقبري تي ڏنڊا رکيل آهن. اڪبري درٻار ۾ سندس خلاف زميندارن ۽ مٺگهرن ماڻهن طرفان شڪايتون پھچايون ويون ۽ ملتان جي حاڪم اهڙين بي انداز شڪايتن جو بھانو بنائي ميان آدم شاهه کي گرفتار ڪرائي ملتان ۾ قيد ڪيو ۽ بعد ۾ کيس 1600ع ۾ شھيد ڪرائي ڇڏيو. شھادت کانپوءِ سندس مڙهه ملتان مان آڻي سکر ۾ واقع ٽڪريءَ تي دفنايو ويو، جنھن کي بعد ۾ آدم شاهه جي ٽڪري ڪري سڏيو ويو. مقبرو چوڪنڊو آھي. ٻاھران سندس ماپ 29.8 x 29.8 فوٽ آھي، ۽ اوچائي 42.6 فوٽ آھي. دروازي جي ماپ 8.5 فوٽ آھي. ڪلهوڙا دور جي ھيءَ اڏاوت ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي ٺھرايل آھي. ملتان جي نواب محمد آقا، ميان صاحب کي 1600ع ۾ شھيد ڪرايو. انگريزن طرفان 1890ع کان 1914ع تائين ھن زيارت گاهه تي بندش پيل ھئي. ھن مقبري جي وقت به وقت مرمت ٿيندي اچي ٿي. مقبري ۾ اندر ٽي قبرون ٻيون به آھن. آدم شاهه جي قبر جي اڀرندي طرف اڪرم شاهه جي قبر آھي، چون ٿا ته اڪرم شاهه آدم شاهه جو ڀاءُ ھو. ٻي قبر تي ڄام فيروز ٽالپور جي نالي جو ڪتبو لڳل آھي، جنھن تي وفات جي تاريخ 1214هه/1799ع لکيل آھي. ٽين قبر شھباز خان ”گل انداز“ (گولا انداز) جي آھي، جيڪو اصل حيدرآباد جو ويٺل ھو. ان کانسواءِ آدم شاهه سان گڏ شھيد زنده بن مستي جويي جي قبر به موجود آهي.


لفظ آدم شاهه ڪلهوڙوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1600.00.00  عيسوي

ملتان جي حاڪم ميان آدم شاهه کي گرفتار ڪرائي ملتان ۾ قيد ڪيو ۽ بعد ۾ کيس 1600ع ۾ شهيد ڪرائي ڇڏيو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

امر لغاري
حميد شيخ
چارلس ڊڪنس
ايوب فقير
شاهه عبدالله بن عبدالعزيز
اعتزاز احسن
شاهاڻي صاحب سنگھه
دارا شڪوه 1
خان محمد مڱڻهار
سمر سجوڙو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون